سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ شاهديون پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نيب کي 9 مئي تائين ثبوت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِڪورٽ ۾ اسپيڪر سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، آغا سراج دراني ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
سراج دراني جي وڪيل چيو ته نيب قانون ۾ ترميم بعد ريفرنس نٿو ٺهي، نيب پاران بدنيتي تي ريفرنس ٺاهيو ويو آهي، نيب وٽ ڪرپش جا ڪي به ثبوت ناهن، تنهن ڪري ريفرنس کي خارج ڪيو وڃي.
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيب جنهن ملڪيت تي ريفرنس ٺاهيو آهي، اها ملڪيت آغا سراج دراني جي وڏن جي آهي.
عدالت، نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته هڪ سال کان ڪيس ڇو نه پيو هلي، گذريل ٻڌڻي تي ريفرنس بابت ثبوت ۽ رپورٽون طلب ڪيون ويون هو، ثبوت ڪٿي آهن.
عدالت نيب پاران ثبوت پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، نيب پاران ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي.
عدالت نيب کي آخري مهلت ڏيندي ٻڌڻي 9 مئي تائين ملتوي ڪندي سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.