سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کان رينجرز جي اختيارن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
چيف جسٽس حڪم ڏيندي چيو ته هفتي اندر هن کي ٻڌايو وڃي ته صوبي ۾ رينجرز کي ڪهڙا اختيار حاصل آهن.
عدالت طرفان شهري اعظم خان جي گاڏي تحويل ۾ رکڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت سرڪار جي وڪيل کان پڇايو ڪيو ته رينجرز کي شهرين جون گاڏيون روڪڻ جو اختيار ڪهڙي قانون تحت حاصل آهي.
سنڌ سرڪار جي وڪيل جواب ڏنو ته دهشتگردي ٽوڙ جي قانون تحت پوليس سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي به پوليس جا اختيار هوندا آهن.
عدالت جو چوڻ هو ته ڇا شهرين جون گاڏيون دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيون آهن؟
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڄاڻايل رينجرز آفيسر جو تعلق ڪهڙي ونگ سان آهي، رينجرز بابت ضلعي جو ذميدار آفيسر ڪير آهي؟
عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ذميدار آفيسر جي صحي سان واقعي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.