سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ گٽڪي تي پابندي جو حڪم برقرار رکندي ٻن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ منشيات جي روڪٿام بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، آءِ جي سنڌ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي.
عدالت جو چوڻ هو ته گٽڪي ۽ مين پڙي تي پابندي جي حوالي سان ڊي آءِ جي حيدرآباد رڳو عمل درآمد ڪري رهيو آهي.
عدالت چيو ته ، آءِ جي سنڌ ٻين ڊويزن جي ڊي آءِ جيز کي گٽڪي مين پڙي تي پابندي جي حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جو حڪم جاري ڪري.
عدالت گهرو سيڪريٽري سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
عدالت گٽڪو وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.