سنڌ هاءِ ڪورٽ غيرقانوني جرڳن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سنڌ ھاٰٰءِ ڪورٽ ۾ لاڙڪاڻي جي نوجوان احمد بروهي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
مقتول جي ماءُ درخواستگذار نور بي بي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ ابتدائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
ڊي آءِ جي پاران جمع ڪرايل رپورٽ موجب نوجوان جي قتل واقعي کانپوءِ جرگو ڪيو ويو.
رپورٽ موجب جرڳي ۾ قتل الزام هيٺ آيل ڌر کي مقتول جي وارثن کي 50 لک رپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عدالت کي ٻڌايو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن سيف الله بروهي، عبدالرسول بروهي ۽ حاجي رمضان بروهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻه جوابدار عبدالعزيز بروهي ۽ خان محمد بروهي مفرور آهن.
ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ چيو ته مقتول جو جو لاش روهڙي ڪئنال مان ڪڍي ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي .
عدالت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي غيرقانوني جرڳن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.