سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غيرقانوني طور رهندڙن کي نيڪالي ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
عدالت جو چوڻ هو ته پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ رياست جي پاليسي آهي، عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ رياست جي پاليسي ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون.
عدالت جو چوڻ هو ته ڇا ويزا ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني سعودي عرب يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهي سگهي ٿو؟.
عدالت پاڪستان ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي.