سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ علي امين گنڊاپور تي سنڌ ۾ داخل ڪيسن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي آهي، عدالت صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊا پور خلاف سنڌ ۾ داخل ڪيسن بابت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي آهي.
درخواستگذار عمر امين ۽ علي امين گنڊاپور جو وڪيل ۽ لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ داخل ڪيسن ۾ علي امين گنڊاپور جون ضمانتون ٿي چڪيون آهن، پر تنهن هوندي به پوليس علي امين گنڊا پور کي آزاد ناهي ڪيو.
عدالت جو چوڻ آهي ته ٻڌايو وڃي ته علي امين گنڊاپور کي ڪهڙي ڪيس ۾ جيل ۾ رکيو ويو آهي؟.
عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي رڪارڊ سميت طلب ڪندي ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.