سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي درخواستن تي سنڌ حڪومت کي آخري مهلت ڏيندي ٻڌڻي 8 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار جي وڪيل ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.
عدالت ۾ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل طارق منصور چيو ته حڪومت کي اڳ ئي عدالت طرفان آخري موقعو ڏنو ويو هو، حڪومت ا ڪا به دلچسپي نٿي رکي، صوبائي حڪومت جي رويي کي ڏسندي جواب جو حق ختم ڪيو وڃي.
ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ جماعت اسلامي جو وڪيل، اٽارني جنرل آف پاڪستان جي حاضري کان ڇوٽ جي موقف تان هٿ ڪري ويو.
درخواست جي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين احمد چيو ته اڪثر معاملن جو تعلق صوبائي حڪومت سان آهي ان جو جواب صوبائي حڪومت کان طلب ڪيو وڃي.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ قانون ۾ ترميم لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن تي عدالت چيو ته بار بار مهلت ڏيڻ باوجود سنڌ حڪومت جواب جمع نه ڪرايو آهي، اوهان جو ڪم آهي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ ته جيئن ڪيس هلي سگهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، جواب جمع ناهي ڪرايو ويو.
عدالت چيو ته درخواست ڏيندڙ کي پنهنجو ڪيس ھلائڻ جو حق حاصل آهي ۽ جواب جمع ڪرائڻ توهان جو ڪم آهي.
ايم ڪيو ايم جي وڪيل داخل درخواست ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا وڃن، هو هتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پهتا آهن، سنڌ حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سڌارن جو حڪم ڏنو وڃي.
عدالت سنڌ حڪومت کي آخري مهلت ڏيندي ٻڌڻي 8 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.