سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، گم ٿيل ٽِي ڄڻا بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي ايم اين اي نثار پنهور ۽ سندس پٽ محسن پنهور ۽ ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
ايس ايس پي اوڀر عرفان بهادر ۽ ٻيا جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته سلطان ۽ زردار خان بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن.
پوليس عدالت کي ٻڌايو ته شيرين جناح ڪالوني واري علائقي مان گم ٿيل نواز به گهر واپس پهچي ويو آهي.
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نثار پنهور ۽ سندس پٽ محسن پنهور به گهر پهچي ويا آهن.
عدالت ايس ايس پي اوڀر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين کي ڪير کڻي ويو آهي ؟.
درخواستگذار چيو ته پوليس موبائل ۽ انهن جا نمبر سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ واضح طور تي نظر اچن ٿا.
عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
عدالت ٻين صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽي جا اجلاس جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت وفاقي گهرو ، دفاع کاتي واري سيڪريٽري ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽري ، آء جي سنڌ ء ٻين واسطيدار ڌرين کان به اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي….