سنڌ هائيڪورٽ، گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ پوليس جون رپورٽون رد ڪندي جي آءِ ٽي تي به بي اعتماديءَ جو اظهار ڪيو آهي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس جاچ رپورٽ پيش ڪئي.
عدالت پوليس جون رپورٽون رد ڪندي جي آءِ ٽي سيشنز تي بي اعتمادي جو اظهار ڪئي.
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت حراستي مرڪزن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن کي گم ٿيل ماڻهو بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
جسٽس نعيم الله ڦلپوٽي چيو ته اهڙي جي آءِ ٽي جو ڪهڙو فائدو جنهن ۾ اڳڀرائي نه ٿئي.