تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ انٽري ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ خلاف درخواستون رد ڪندي ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ 19 نومبر ڪرائڻ جي هدايت

سنڌ هائيڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ انٽري ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ خلاف درخواستون رد ڪندي ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ 19 نومبر ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر وٺن خلاف ٻن درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته 40 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، چار ڪلاڪ اڳ پيپر ليڪ ٿيو، سينٽر تي ٽي ڪلاڪ اڳ پهچڻو هوندو آهي، پنجن قسمن جا پيپر هوندا آهن رڳو هڪ پيپر ليڪ ٿيو آهي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ پيپر ليڪ ناهي ٿيو، لاڙڪاڻي ۾ ٿيو آهي، ٻن موبائل فونن جي فارنزڪ ٿي آهي، جنهن مان ثابت ٿيو ته پيپر ليڪ ٿيو.

پي ايم ڊي سي طرفان جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو.

پي ايم ڊي سي جي وڪيل چيو ته ٽيسٽ جو وقت 2 مهينا اڳتي وڌايو وڃي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ميڊيڪل ڪاليجن ۾ انٽري ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ خلاف درخواستون رد ڪندي ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ 19 نومبر ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون