سنڌ هائيڪورٽ ۾ گم ٿيل شهري جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهري منشيات وڪرو ڪندڙ آهي، هوگرفتاري کان بچڻ لاءِ روپوش ٿي ويو آهي، عدالت رمارڪس ڏنا ته شهري ڏوهاري آهي يا نه پوليس جو ڪم ان جو پتو لڳائڻ آهي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ گم ٿيل شهري تاج حسين جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي.
ٻڌڻي دوران درخواست گذار، سندس وڪيل ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران درخواسگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهري تاج حسين 2020 کان گم آهي، سندس گهر ڀاتي پريشان آهن.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته تاج حسين منشيات وڪرو ڪندڙ آهي، سندس خلاف چار ايف آءِ آر داخل ٿيل آهن، هو گم ناهي ٿيو، پر گرفتاري کان بچڻ لاءِ روپوش ٿي ويو آهي.
درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهري کي بازياب ڪرائڻ بدران سندس گهر ڀاتين کي حراسان ڪري رهي آهي آهي.
جسٽس شمس الدين عباسي رمارڪس ڏنا ته شهري ڏوهاري آهي يا نه پوليس جو ڪم ان کي بازياب ڪرڻ آهي.
جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽي جاچ ڪري رهي آهي، تاج حسين کي ڳولڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ويندو.
عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو گرفتاري جي ڊپ کان پاڻمرادو گم ٿي ويو آهي، ته پوليس جو ڪم ان جو پتو لڳائڻ آهي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.