سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل 12 ڄڻن جي بازيابي واري درخواستن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ 12 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس نعمت الله چيو ته پوليس گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ ۾ سنجيدگي نه پئي ڏيکاري.
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل 12 ڄڻڻ جي بازيابي واري درخواستن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان جواب طلب ڪري ورتو.
عدالت گهرو سيڪريٽري کان حراستي مرڪز ي رپورٽ طلب ڪري چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪيا.
سنڌ هائيڪورٽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.