سنڌ ڪابينا، برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٽول پلازه جي ايندڙ ويندڙ رستن تي ڪمرائون لڳائڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان گاڏين جي سڃاڻپ ۾ مدد ملندي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته برساتن جي اڳڪٿي آهي، کين اڳواٽ قدم کڻڻا آهن، سمورا وزير، صلاحڪار ۽ خاص مددگار پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ عوام جو خيال رکن.
سنڌ ڪابينا گذريل اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي.
بريفنگ ۾ ڪابينا کي ٻڌايو ته هن سال هڪ هزار 22 جاري اسڪيمون آهن، جن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 778 اسڪيمن کي سئو سيڪڙو فنڊنگ ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير 112 اسڪيمن لاءِ 10 ڏهائي 442 بلين رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هو چاهي ٿو ته وڌ کان وڌ اسڪيمون مڪمل ٿين ته جيئن انهن کي نئين سال جي اي ڊي پي کان ڪڍيو وڃي.
اجلاس دوران گهرو وزارت ٽول پلازه تي اچ وڃ جي رستن تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ جو ائٽم پيش ڪيو.
سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته صوبي ۾ قائم سمورن ٽول پلازه تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون نصب ڪيون وڃن.
وڏي وزير چيو ته صوبي جي سمورن ٽول پلازائن تي ڪيمرائون نصب ڪرڻ لاءِ هڪ ڏهائي 567 بلين رپين جي ضرورت آهي، هو فنڊ فرام ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن ڪنسلٽنٽ پندرهن ڏينهن ۾ هائير ڪيا وڃن، هو چاهي ٿو ته جولاءِ تي ان جو ٽيندڙ ٿي وڃي.