صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته اسلام آباد ۾ 2 ڪيسن کانسواءِ سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو ڪو به ڪيس ناهي، بنا تصديق خبرون هلائي خوف پيدا نه ڪيو وڃي، لياري جي نينگر جون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، شق آهي اهو منڪي نه پر چڪن پاڪس ڪيس جو آهي، صحت کاتو ڪا به ڳالهھ لڪائيندو ناهي، ماڻهون احتياط ڪن هن مرض جي ويڪسين به ميسر ناهي.
اي پي آئي پروگرام آفس ۾ عالمي ٽُڪن واري مهم جي هفتي ۽ ٻن موبائل وينن جي افتتاح بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو ڪو به ڪيس ناهي، بنا تصديق خبرون هلائي خوف پيدا نه ڪيو وڃي.
صوبائي وزير ٻڌايو ته لياري جي ٻارڙي مزمل واري ڪيس جا ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن شق آهي اهو منڪي پاڪس نه پر چڪن پاڪس جو ڪيس آهي.
صحت واري وزير بريفنگ دوران عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ٻارڙن کي ٽُڪا لازمي لڳائڻ جيئن کين موذي مرضن کان بچائي سگهجي، وڌندڙ ۽ ڳتيل آبادي بيمارين ۾ واڌ جو سبب ٿئي ٿي.
سندس چوڻ هو ته هو ويڪسين مهم دوران 86 سيڪڙو هدف کي پهتل آهن ڪوشش آھي سئو سيڪڙو ڪاميابي ماڻي وڃي.