سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان جاري آهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه جي مختلف شهرن ۾ امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم متل آهي، مختلف سينٽرز تي پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو.
سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان جاري آهن، اڪثر امتحاني مرڪزن تي بجلي بند هئڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا.
لاڙڪاڻي، نئين ديري ۽ ٻين شهرن ۾ پيپر واٽس ايپ گروپن ۾ پهچي ويا جڏهن ته مختلف شهرن جي امتحاني سينٽرز ۾ موبائل فون ذريعي ڪاپي جي ڌم متل رهي.
انتظاميا ڪاپي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.
شاگرد امتحاني سينٽرن ۾ موبائل فون تي واٽس ايپ ذريعي پرچا حل ڪيا.
حيدرآباد تعليمي بورڊ تحت 9 ضلعن ۾ ڏهين ڪلاس جو سنڌي ۽ اردو جو پيپر ورتو ويو.
ڪنٽرولر مسرور جو چوڻ آهي ته ڪاپي کي روڪڻ لاءِ 23 ويجيلنس ٽيمون جوڙيون ويون آهن، شاگردن کي موبائل فون کڻي اچڻ جي اجازت ناهي، ٽن پيپرن دوران ٽيمن 93 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪاپي ڪيس ڪيو آهي.