تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري هلندڙ پوليو مهم جو جائزو ورتو. سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سچل ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري ماڻهن کان پوليو مهم بابت ڄاڻ ورتي ۽ گھرن تي لڳل نمبر ۽ ٻارن جا فنگر مارڪ چيڪ ڪيا. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري کي سچل ڳوٺ ۾ ھڪ پوليس ملازم جي گھر مان 11 ٻارن کي پوليو ڦڙا پيئارڻ کان انڪار بابت ورڪرن پاران آگاهي ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ اڄ ئي سڀني ٻارن کي  پوليو جا ڦڙا پيئارڻ جي ھدايت ڪندي چيو پوليس اهلڪار جا تفصيل طلب ڪيا. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه پوليس ملازم جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته پوليس اھلڪار  ٻارڙن کي ڦڙا نه پيئاريا ته کيس معطل ڪيو ويندو. هن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ ڊي ايڇ او انڪاري والدين کي پوليو ڦڙا پيئارڻ تي راضي ڪن،  ڦڙا پيئارڻ کان بار بار انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. آصف حيدر شاهه چيو ته پوليو مهم 3 کان 9 فيبروري تائين جاري رهندي، مهم دوران 1 ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13 ° C
13 °
13 °
14 %
3.2kmh
86 %
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °
اڱارو
15 °

تازه ترين خبرون