شماريات کاتي طرفان ستين آدمشماري بابت سياسي پارٽين جي سربراهن، وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڊجيٽل آدمشماري جي طريقيڪار ۽ هن وقت تائين جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو ويو.
شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته ڊجيٽل سسٽم ذريعي فوري طور فيصلا ڪري شماريات کاتي گهٽ ڪوريج ڪندڙ بلاڪن جي وقت تي نشاندهي ڪئي.
شرڪت ڪندڙن کي ڪال سينٽر، سينس ڪنٽرول سينٽر ۽ جي آءِ ايس ليب جو به دورو ڪرايو ويو.
بريفنگ ۾ شرڪت ڪندڙن آدمشماري جي ڊجيٽل سسٽم تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ شمارياتي کاتي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
ستين آدمشماري جي انگن اکرن موجب هن وقت تائين 23 ڪروڙ 74 لک 38 هزار 241 ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي وئي آهي.
سنڌ ۾ 5 ڪروڙ، 41 لک، 48 هزار 485 ماڻهن جي ڳڻپ ٿي چڪي آهي.
پنجاب ۾ 11 ڪروڙ، 64 لک، 42 هزار 499 ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي وئي آهي.
ڪي پي ۾ 3 ڪروڙ 93 لک 15 هزار 878 ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي وئي آهي.
بلوچستان ۾ هڪ ڪروڙ 97 لک 13 هزار 823 ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي وئي آهي.