نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون

- Advertisement -
سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. دادو ۾ شاگردن پاران علامه آءِ آءِ قاضي لائبري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. اڏيرو لال ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ ميگهواڙي برادري پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سعيد جدگال، عبدالرزاق ڇٽو، تيرٿ ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪوٽ غلام محمد ۾ ينگ مالهي اتحاد جي نوجوانن پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جئه ڪمار مالهي، پريپ ڪمار مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مين روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. نئون ڪوٽ ۾ هندو ڪائونسل پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنري ۾ هندو برادري پاران نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ شيوانند سنڌي، هوتچند، پريم ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس هن وقت تائين پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. هنن چيو ته پوليس بااثرن اڳيان بيوس بڻيل هئڻ سبب پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آهي. اڳواڻن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هائيڪورٽ جي چيف سميت سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نينگري پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي……………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
57%
1.6m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون