بالي ووڊ اداڪارا طرفان فاطمه ڀٽو کي شادي جون واڌايون ڏنيون ويون.
بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر طرفان پاڪستان جي ناليواري ليکڪ فاطمه ڀٽو کي شادي جون واڌايون ڏنيون ويون آھن.
پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڌيءُ فاطمه ڀٽو ڪجهه ڏينھن اڳ گراھم جبران سان نڪاح ڪيو ھو.
ڀارتي اداڪارا ٽوئٽر تي فاطمھ ڀٽو کي واڌايون ڏيندي لکيو تھ ھوءَ فاطمھ ۽ سندس مڙس لاءِ سڄي زندگي گڏ رھڻ جي اميد ڪري ٿي.
فاطمھ ڀٽو جي نڪاح جي خبر ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سوشل ميڊيا تي ڏني ھئي ۽ جوڙي جي شادي واري تصوير بھ شيئر ڪئي ھئي.
نڪاح جي تقريب سادگي سان ذوالفقار علي ڀٽو جي لائبريري ۾ منعقد ڪئي وئي ھئي فاطمھ ڀٽو موجب زمين تي اھا جاءِ سڀ کان گھڻي پسند آھي.