سون ھزارين رپيا مھانگو ٿي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پھچي ويو.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ به سون جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آھي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 29ڊالر جي گھٽتائي سان گڏ 2044 ڊالر ٿي وئي جڏھن تھ مقامي مارڪيٽ ۾ في تولي سون 2 ھزار 6سئو رپيا ۽ 10 گرام سون 2 ھزار 229 رپين جي واڌ ٿي آھي.
سون جي في تولي جي قيمت 2لک 25ھزار 3سئو رپيا ٿي وئي، جڏھن تھ 10گرام سون جي قيمت ھڪ لک 93 ھزار 158 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي اچي وئي.
ٻئي طرف چاندي جي في تولي جي قيمت ۾ 120 رپين جي واڌ ٿي، چاندي جي في تولي جي قيمت 2ھزار 870 رپيا ٿي وئي آھي.