سوڊان ۾ پيرا ملٽري فورس طرفان بغاوت جي ڪوشش بعد مختلف شھرن ۾ فوج سان چڪريون جاري آھن جنھن جي نتيجي ۾ 56ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيھي ميڊيا موجب، سوڊان جي پيرا ملٽري فورس جي سربراھھ محمد حمدان دگالو دعويٰ ڪئي آھي تھ خرطوم جي مختلف سرڪاري ھنڌن تي سندن گروپ قبضو ڪري ورتو آھي.
ٻئي طرف ملڪ جي فوجي اڳواڻ جنرل عبدالفتاح البھران پيرا ملٽري فوس جي سربراھھ جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آھي تھ فوج سرڪاري ھنڌن تي ڪنٽرول برقرار رکيو آھي.
چڪرين دوران سوڊان جي گادي واري شھر خرطوم ۾ شديد فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، فائرنگ خرطوم ۾ سوڊاني آرمي ھيڊ ڪوارٽرز ۽ بچاءَ واري وزارت جي آفيس جي ويجھو ٿي.
ميڊيا رپورٽس موجب چڪرين ۽ بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 56ڄڻا مارجي ويا، جڏھن تھ 590 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا آھن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.