سوڊان ۾ اقتدار جي جنگ دوران فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز آمهون سامهون اچي ويون آهن، ٽن ڏينهن کان هلندڙ ويڙهه ۾ فوتين جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 600 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي آهن.
عالمي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سوڊان ۾ بدامني جو سلسلو ٽئين ڏينهن به برقرار آهي.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ملڪي فوج بغاوت ڪندڙ پيرا ملٽري فروسز جي ٿاڪن تي بمباري ڪئي آهي.
ٻئي طرف فوجي حڪومت خلاف بغاوت ڪندڙ پيرا ملٽري فورسز دعويٰ ڪئي آهي ته صدارتي آفيس، خرطوم هوائي اڏي ۽ ٻين اهم ٿاڪن جو ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو آهي.
فوج اهڙين دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته باغي فورسز کي هر هنڌ پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.
ٻنهي ڌرين ۾ جنگ فوج جي ڪمانڊر جنرل عبدالفتاح البرهان ۽ آر ايس ايف جي سربراهه جنرل محمد حمدان دگالو وچ ۾ آر ايس ايف جي فوج ۾ انضمام تي ڪيترن ئي مهينن تائين هلندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ شروع ٿي آهي.
ملڪي فوج ۽ بغاوت ڪندڙ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ ٿيند چڪرين ۽ مظاهرن ۾ فوتين جو تعداد 100 کان وڌي ويو آهي.
ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن سان مشورو ڪيو ويو آهي ۽ ٽنهي ڌرين سوڊان ۾ سرگرم ڌرين تي زور ڏنو آهي ته غير مشروط طور ويڙهه ختم ڪئي وڃي.