پاڪستاني اداڪار حمزه علي عباسي جو چوڻ آهي ته اُن جو سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي.
ٽورانٽو ۾ خانگي نيوز چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي ڇو ته پارليامينٽ ۾ وڃڻ جي لاءِ گهڻا ئي ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت هوندي آهي.
حمزه علي عباسي جو چوڻ هو ته هُو جنهن به مُلڪ ويندو آهي ان کي پرستارن جي طرفان گهڻي محبت ملندي آهي.