وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪامرس واري وزير نورالدين عزيز جي سربراهي ۾ افغانستان جي وفد ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات ۾ افغان ٽرانسپورٽ جو نائب وزير صديق الله عابد، افغانستان ۾ پاڪستان جو سفير عبيدالرحمان نظاماڻي ۽ ٻيا شريڪ هئا.
افغانستان جي ڪامرس واري وزير نور الدين عزيز جو چوڻ هو ته ڪراچي افغانين جو ٻيو گهر رهيو آهي، اسان جي ماڻهن کي ڪراچي جي اسپتالن ۾ بهترين علاج ملندو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي پاڪستان جي واپار جو مرڪز آهي.
هن چيو ته ، ڪراچي ۾ پشتون پشاور کان وڌيڪ آباد آهن، افغانستان اسان جو مسلم ڀاءُ ملڪ آهي، ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري ذريعي ترقي ڪري سگهن ٿا.