سينيٽ، سپريم ڪورٽ فيصلن ۽ حڪمن تي نظرثاني جو بل منظور ڪري ورتو آهي.
چيئرمين صادق سنجراڻيءَ جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران مسلم ليگ نون جي سينيٽر عرفان صديقي سپريم ڪورٽ فيصلن ۽ حڪمن تي نظرثاني جو بل پيش ڪيو جنهن تي مخالف ڌر پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.
مخالف ڌر جي ميمبرن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ايوان ۾ سخت احتجاج ڪندي چيئرمين جي ڊائيس سامهون نعريبازي ڪئي.
سڪيورٽي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي بينچن وچ ۾ ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.
مخالف ڌر جي ميمبرن پاران توهين عدالت نامنظور جا نعرا لڳايا ويا.
مخالف ڌر جي احتجاج دوران سپريم ڪورٽ فيصلن ۽ حڪمن تي نظرثاني جو بل سينيٽ ۾ منظور ڪيو ويو.
بل پيش ڪرڻ جي تحريڪ جي حق ۾ 32 ۽ مخالفت ۾ 21 ووٽ پيا.