سي ٽي ڊي اسلام آباد پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي 9 مختلف ڪيسن ۾ جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي سي ٽي ڊي سميت 9 ٿاڻن ۾ ڪيس داخل آهن، وفاقي پوليس عمران خان کي انهن ڪيسن ۾ جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.
عمران خان کي ٻن ڪيسن ۾ 11 اپريل تي پوليس لائن هيڊ ڪوارٽر ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 7 ڪيسن ۾ 12 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي.
انهن سمورن ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ طلبي جا نوٽيس عمران خان جي زمان پارڪ لاهور واري رهائشگاهه تي موڪليا ويا آهن.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪري، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.