ماضي ۾ دنيا جي خوبصورت ترين عورت جو اعزاز رکڻ واري ڀارتي اداڪارا سُشميتا سين صحتياب ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ريمپ تي جلوا ڏيکاري ڇڏيا.
ويجهڙ ۾ ئي دل جو دورو پوڻ سبب ڪيترن ئي ڏينهن اسپتال ۾ گذارڻ جي بعد اداڪارا سُشميتا سين پاران ليڪمي فيشن ويڪ ۾ بطور شو اسٽاپر انٽري ڏني آهي.
اداڪارا مداحن ۽ ميڊيا جي طرفان ملڻ واري پيار ۽ محبت تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان تي وڏو ڪرم رهيو آهي ۽ هو هميشه ان ڳالهه کي ورجهائيندي رهندي آهي.
سُشمياسين پاران فيشن ڊزائنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان انوشري جي وجه سان گهڻي خوشي محسوس ڪري رهي آهيان ڇو ته ان مون کي اچڻ ۽ شو اسٽاپر بڻجڻ لاءِ چيو هو.