سپريم ڪورت فوجي عدالت ۾ عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي فل ڪورٽ جوڙڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته فل ڪورٽ سيٽمبر ۾ دستياب ناهي، عدالتي موڪلون هلي رهيون آهن، سمورن ججن جون ذاتي مصروفيتون به آهن، جيڪي هن ڪيس سبب معطل آهن، ڪنهن کي وڻي يا نه هو پنهنجو ڪم ڪندا رهندا، سندن ڪم غلط آهي يا صحيح ان جو فيصلو وقت ۽ تاريخ ڪندي
چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ۽ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. عدالت عام شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي فل ڪورٽ جوڙڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا”؟
اٽارني جنرل چيو ته گذريل ڏينهن فيصل صديقي جي درخواست ٻڌي وئي، جيستائين ڪيس جو تعلق آهي ته سمورين ڌرين کي خاطري ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته حراست ۾ ورتلن کي سندس گهرڀاتين سان ملڻ ۽ وڪيل ڪرڻ جي اجازت آهي، کين فيئر ٽرائل جو حق ڏنو پيو وڃي.
اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 9 مئي واقعن ۾ ڪو به ڏوهه عمر قيد يا موت جي سزا واري نوعيت جو ناهي، ڪالهه لطيف کوسا چيو ته هڪ شخص کي جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ٿيڻ کان روڪيو ويو.
منصور عثمان اعواڻ چيوته گرفتار 102 ڄڻن مان ڪنهن کي به روڪڻ جو واقعو پيش ناهي آيو، هر شخص جي عزت جو خيال رکيو پيو وڃي،هو خاطري ڪرائي ٿو ته گرفتار 102 ڄڻن مان ڪنهن سان به خراب ورتاءُ نه ڪيو ويو، ائين ٿيو ته ترت ايڪشن ورتو ويندو.
چيف جسٽس عمر عطابنديال فل ڪورٽ واري درخواست رد ڪندي چيو ته فل ڪورٽ سيٽمبر ۾ دستياب ناهي، عدالتي موڪلون هلي رهيون آهن، سمورن ججن جون ذاتي مصروفيتون به آهن، جيڪي هن ڪيس سبب معطل آهن.
هن چيو ته هو الله آڏو جوابده آهن، ان ڪري پنهنجو ڪم جاري رکيو، ڪنهن کي وڻي يا نه هو پنهنجو ڪم ڪندا رهندا، سندن ڪم غلط آهي يا صحيح ان جو فيصلو وقت ۽ تاريخ ڪندي.
چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته قانون کان هٽي قائم ڪيل ڪورٽ کي عدالت تصور نه ڪيو ويندو، محرم علي ڪيس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ يا هائيڪورٽ جي سپروائزري کانسواءِ عدالت قائم نٿي ٿي سگهي.
جسٽس عائشه ملڪ چيو ته آئين تحت بنيادي انساني حقن جي سهولت شهرين کي حاصل آهي، هر شهريءَ وت ڪنهن به عدالت ۾ وڃڻ وقت آزادي جو حق هوندو آهي. هن چيو ته اهڙي عدالت جيڪا آرٽيڪل 175ايَ تحت ناهي پر عدالت آهي، ان ۾ سويلينز کي آزادي ڪيئن هوندي؟
اٽارني جنرل چيو ته آرمي ايڪٽ جون اڪثرن شقون ورديءَ وارن تي لاڳو ٿينديون آهن. چيف جسٽس چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي جاري رهندي. اٽارني جنرل چيو ته کيس به ان بابت هدايتون وٺڻيون آهن، ايڊجوٽنٽ جنرل سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اهو فوج جي سربراهه سان ڳالهائيندو.
هن چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ هڪ ته پرڏيهي آهن جيڪي جاسوسي سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن، ٻيو اهو ته آرمي ايڪٽ هيٺ ڪورٽ مارشل وارو معاملو آهي، ٽيون اهڙا ماڻهو جيڪي فوج خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث سمورن معاملن کي نظر ۾ رکندي غور ڪيو وڃي.
جسٽس منيب اختر چيو ته عام شهرين لاءِ ملٽري ڪورٽن ۾ متوازن عدالتي نظام نه هوندو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هدايتون وٺي هو سمورو روڊ ميپ عدالت آڏو پيش ڪندو. چيف جسٽس چيو ته ممڪن آهي ته ڪو هاڪاري جواب ملي، جنهن سان درخواست ڏيندڙن جا خدشا ختم ٿي وڃن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي