سپريم ڪورٽ، ججن کي خط واري معاملي تي فل ڪورٽ جوڙڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته عدليا جي آزادي تي زيرو ٽالرنس آهي، عدليا جي ڪم ۾ مداخلت هو پسند ناهن ڪندا، عدليا جي آزادي تي ڪنهن به قسم جو حملو ٿيندو ته سڀ کان پهريان هو ۽ سندس ساٿي بيٺل هوندا، ملاقات ۾ وزيراعظم واضح پيغام ڏنو ته عدليا جي آزاديءَ تي سوديبازي نه ٿيندي، فل ڪورٽ نه جوڙڻ جو سبب ججن جي عدم دستيابي هئي، ڪجهه جج لاهور ۽ ڪجهه ڪراچي ۾ آهن، ممڪن آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي، باقي ججن سان صلاح مشوري بعد جلد ٻڌڻي ڪري سگهجي ٿي، معاملي تي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني لارجر بئنچ اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن کي ڌمڪين وارا خط ملڻ واري معاملي تي ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.
لارجر بئنچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر شامل آهن.
ٻڌڻي شروعات تي چيف جسٽس چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي ۾ پهريان پريس رليز پڙهون ٿا.
ايڊووڪيٽ حامد خان چيو ته هنن به ان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪرائي آهي، کين به ٻڌو وڃي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته حامد صاحب اوهان سينير وڪيل آهيو، هاڻي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي طئه ڪندي آهي، ڪميٽي نه عدالت جو اختيار استعمال ڪري سگهي ٿي نه ئي عدالت ڪميٽيءَ جا اختيار استعمال ڪندي.
هن چيو ته هڪ آئيني درخواست جڏهن داخل ٿئي ٿي ته اخبارن ۾ ڇپجي وڃي ٿي، ڇا اهو به هڪ دٻاءُ وجهڻ برابر آهي؟ هو ته ڪنهن دٻاءَ ۾ ناهي ايندو ۽ کين پنهنجن فيصلن تي دٻاءُ ۾ نه اچڻ گهرجي، عجيب ڳالهه آهي ته وڪيل پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪن ٿا.
لاهور هائيڪورٽ جي وڪيل ايڊووڪيٽ حامد خان چيو ته هن رڳو نشاندهي ڪئي آهي، هن اعتزاز احسن طرفان درخواست داخل ڪرائي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته خط ملندي ئي هنن انتهائي چستيءَ سان ڪم شروع ڪيو، ججن سان ملاقات ڪئي.
هن چيو ته عدليا جي آزاديءَ لاءِ سندن پاليسي زيرو ٽالرنس آهي، ٻڌايو فل ڪورٽ گڏجاڻي پهريون ڀيرو ڪڏهن ٿي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف جسٽس بڻجڻ بعد پهرين ڏينهن ئي فل ڪورٽ ميٽنگ ڪئي، ان کان اڳ چار سال فل ڪورٽ ميٽنگ نه ٿي، اداري جي اهميت چيف جسٽس نه پر سمورن ججن سان ٿيندي آهي.
چيف جسٽس چيو ته عدليا جي خودمختياري تي حملو ٿيندو ته هو سڀ کان پهريان ايندو ۽ ٻيا جج ساڻس گڏ ايندا.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا ٻي ايجنڊا آهي ته اهو سپريم ڪورٽ جو صدر بڻجي وڃي، هو ڪنهن جو دٻاءُ برداشت نه ڪندا.
چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم سان ملاقات انتظامي طور ڪئي، جنهن ۾ اٽارني جنرل ۽ قانون وارو وزير به شريڪ هئا.
هن چيو ته ملاقات ۾ ايگزيڪيٽو ۽ عدليا جي آزادي به شريڪ هئا.
اٽارني جنرل چيو ته اوهان کي خدشن تي وزيراعظم مڪمل خاطري ڪرائي هئي، وفاقي سرڪار به هڪ رڪني ڪميشن ٺاهڻ جو چيو، تجويز آئي ته ڪميشن جو سربراهه اڻڌريو هجي.
هن چيو ته تاثر ڏنو ويو ته ايگزيڪيٽو برانچ انڪوائري ڪري رهي آهي، جن به ڳالهيون ڪيون انهن انڪوائري ايڪٽ 2017ع پڙهيو ئي ناهي، ڪميشن وٽ توهين عدالت جو به اختيار آهي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته نالا ڪنهن تجويز ڪيا؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ٻه نالا اوهان تجويز ڪيا هئا، اوهان طرفان ناصر الملڪ ۽ تصدق جيلاني جا نالا ڏنا ويا.
هن چيو ته ڪميشن کي سول ۽ فوجداري اختيار حاصل هوندا، ڪابينا گڏجاڻي بعد تصدق جيلاني جو نالو فائنل ٿيو.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اهڙا ذاتي حملا شروع ٿيا جو ڪو شريف ڪيئن مڃيندو؟ جيڪي ڳالهيون تصدق جيلانيءَ سان منسوب ڪري سوشل ميڊيا تي بحث ٿيو، ان تي افسوس آهي.
اٽارني جنرل، اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلانيءَ جو معذرت وارو خط پڙهي ٻڌايو.
چيف جسٽس چيو ته هو عدليا جي خودمختياريءَ ڪا به سوديبازي نه ڪندا، پارليامينٽ، ايوان صدر ۽ حڪومت سميت سڀني جي عزت ڪن ٿا، پر آئين جي ڀڃڪڙي تي سخت رد عمل ڏيندا.
اٽارني جنرل چيو ته عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي، هو موجوده حڪومت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.
چيف جسٽس چيو ته جڏهن اليڪشن جو ڪيس ٿيو ته شرطون لڳنديون هيون ته چونڊون نه ٿينديون.
جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته پوليٽيڪل انجنيئرنگ ٿيندي رهي آهي جنهن ۾ عدليا ملوث رهي، هائيڪورٽ جي ججن جو خط چئي رهيو آهي ته هاڻي به ائين ئي ٿي رهيو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اهو سلسلو سدائين لاءِ بند ڪرڻو پوندو.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هو اٺ پکيءَ جيان منڍي زمين ۾ دٻائي ويهي نٿا سگهن، اسلام آباد هائيڪورٽ جا جج معزز آهن، جن لکي ٻڌايو، عدليا جي آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ کين سخت قدمن جي ضرورت آهي.
هن چيو ته سندس خيال ۾ اداري طور طريقيڪار ڊسٽرڪٽ جج کان سپريم ڪورٽ تائين طئه ڪرڻو پوندو، کين هڪ ڪوڊ بڻائي طريقيڪار طئه ڪرڻو پوندو، سندن مدد ڪئي وڃي ته جيئن اهو باب بند ڪيو وڃي.
جسٽس جمال مندو خيل رمارڪس ۾ چيو ته کين ماڻهن لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ هڪ ضمانت ڏني آهي