سپريم ڪورٽ، پاڻمرادو نوٽيسن بابت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي تي لارجر بينچ جوڙي ڇڏي آهي.
ڇهه رڪني بينچ جي سربراهي جسٽس اعجاز الاحسن ڪندو، جڏهن ته بينچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن.
ڇهه رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ئي ڪندي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حافظ قرآن کي واڌو نمبر ڏيڻ واري ڪيس ۾ بينچ جوڙڻ تي اعتراض ڪيو هو ۽ سمورن پاڻمرادو نوٽيسن تي ڪارروائي روڪڻ جو فيصلو ٻڌايو هو.