Sindh TV News
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
No Result
View All Result
Sindh TV News
W3Schools
No Result
View All Result
Home پاڪستان

سپريم ڪورٽ، چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Sindh tv by Sindh tv
اپريل 3, 2023
in پاڪستان
254 2
A A
0
498
SHARES
1.4k
VIEWS
Twitter

سپريم ڪورٽ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس عمر عطابنديال رمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت چونڊن ۾ دير بابت مواد ناهي ڏنو، ملڪ سياسي ڳالهيون نه پيون ٿين، سمورو دٻاءُ وفاقي حڪومت تي آهي، هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ واري صلاح زبردست آهي.

چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

RelatedPosts

جهانگير خان ترين نئين سياسي پارٽي استحڪام پاڪستان جو باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو

صنعتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي : اسحاق ڊار

بي آءِ ايس پي ذريعي حڪومت ضرورتمندن جو خيال رکي رهي آهي : شازيا مري

ٻڌڻي جي شروعات کان اڳ اٽارني جنرل درخواست داخل ڪرائي ته چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪيس نه ٻڌي.

پ پ جو وڪيل فاروق ايڇ نائڪ روسٽرم تي آيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪيس جو حصو بڻجي رهيا آهيو، ڇا اوهان بائيڪاٽ نه پيا ڪيو؟

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اسان بائيڪاٽ ناهي ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪري لکت ۾ ٻڌايو، جيڪڏهن اوهان بائيڪاٽ ناهي ڪيو ته اخبارن ۾ آيو آهي ته پ پ به بائيڪاٽ ڪيو.

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سياسي پارٽين کي بئنچ تي اعتراض آهي، بائياٽ ناهي ڪيو.

جسٽس منيب اختر چيو ته اوهان بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ دليل ڏيڻ آيا آهيو؟ فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سياسي پارٽيون سمجهن ٿيون ته ان تي لارجر بئنچ ٺهڻ گهرجي.

اٽارني جنرل چيو ته پهرين مارچ جو فيصلو ٽي چار جو آهي، ان تي چيف جسٽس چيو ته ان نقطي تي ڳالهائي چڪا آهيون.

اٽارني جنرل چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار آهي ته اها تاريخ اڳتي وڌائي، حڪومت آئين موجب هلندي آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائي چڪي هئي، فيصلي بعد اليڪشن ڪميشن ڪيئن تاريخ اڳتي وڌائي سگهي ٿي؟

چيف جسٽس چيو ته جسٽس يحيٰ آفريديءَ درخواستون رد ڪيون، جسٽس اطهر من الله درخواستون رد ناهي ڪيون.

اٽارني جنرل چيو ته جسٽس اطهر من الله جسٽس يحيٰ آفريدي جي فيصلي سان اتفاق ڪيو هو.

چيف جسٽس چيو ته جن ججن ڪيس ٻڌو ئي ناهي، انهن جو فيصلو گڏائي اڪثريتي فيصلو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟

هن چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي تي صحيح ڪندڙ جج پاڻ کي بئنچ کان ڌار ڪيو، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته فيصلو لکندڙ جج  جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ٻڌي؟

ٻڌڻي دوران بچاءَ وارو سيڪريٽري پيش ٿيو.

چيف جسٽس چيو ته حڪومت کي اهو ڪيئن اعتماد آهي ته 8 آڪٽوبر تي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون؟

جسٽس عمر عطا بنديال، بچاءَ واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان وٽ رٽائرڊ جوان گهرائڻ جو ڪو طريقيڪار آهي؟

سيڪريٽري دفاع چيو ته رٽائرڊ جوان رزرو فورس هوندا آهن.

ٻڌڻي دوران وڪيل علي ظفر قطعي دليلن ۾ چيو ته ڪي پي ۾ گورنر اليڪشن جي تاريخ ڏني آهي، ڇا اليڪشن ڪميشن گورنر جي تاريخ تبديل ڪري سگهي ٿي؟

هن چيو ته سندس نظر ۾ اليڪشن ڪميشن آئين کان مٿانهون قدم نه ٿي کڻي سگهي، مڪاني چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن طئه ڪندي آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اهڙيون حالتون به ٿي سگهن ٿيون، جنهن سبب اليڪشن ملتوي ٿئي، وفاقي حڪومت اهڙو ڪو به مواد ناهي ڏنو، جنهن تحت چونڊون ملتوي ٿي سگهن.

هن چيو ته چونڊن ۾ آڏو رنڊڪن بابت به آگاهه ناهي ڪيو ويو،عدالت کي توازن قائم رکڻو هوندو آهي، حڪومت ۽ ٻين ڌرين جي درست مدد ناهي ملي.

چيف جسٽس چيو ته حڪومت اليڪشن ڪرائڻ تي راضپو ظاهر ناهي ڪيو، ماضيءَ ۾ عدالت اسيمبلي ٽوڙڻ وارو عمل ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملڪ ۾ ڪي به سياسي ڳالهيون نه پيون ٿين، سمورو دٻاءُ وفاقي حڪومت تي آهي.

اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ترقياتي بجيٽ جي گهڻي بجيٽ خرچ ٿي چئي  آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي ان بابت وضاحت ڏيڻي پوندي.

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ۾ ڪا بدمزگي ٿي ته سموري ڳالهه عدالت تي ايندي، آئين واضح آهي ته چونڊون ڪڏهن ٿيڻيون آهن، ڳالهين واري آپشن جو جواب ناهي آيو.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عرفان قادر چيو ته اوهان ڪيئن پهريان حڪم ڏئي ڇڏيو ته اليڪشن ڪرائڻي آهي، پهريان کيس ٻڌو، پهرين مارچ جو فيصلو چار ٽي جو آهي.

هن چيو ته ڇا اوهان فيصلو ڪرڻ کان اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي؟

چيف جسٽس چيو ته اسان ڪو به فيصلو اڳ ناهي ڪيو.

عرفان قادر چيو ته چونڊن جو معاملو اليڪشن ڪميشن تي ڇڏڻ گهرجي، گذريل ڪيترن ئي ورهين کان عام ۽ صوبائي چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿيون آهن.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته چيف جسٽس کي درخواست آهي ته ججن وچ ۾ اندروني اختلاف ختم ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪري.

چيف جسٽس چيو ته اوهان سوشل ميڊيا جو ذڪر ڪري رهيا آهيو، ٻه ڏينهن اڳ جسٽس فائز عيسيٰ سان ملاقات ٿي، اهو اوهان کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي.

هن چيو ته ملاقات ۾ فل ڪورٽ تي ڳالهيون ٿيون، ملاقات دوران هن سمجهو ته جسٽس فائز ان فيصلي سبب فل ڪورٽ جو حصو نه ٿو بڻجي  سگهي.

عرفان قادر چيو ته موجوه بئنچ ۾ جسٽس اعجاز کي شامل نه ڪيو وڃي ها ته شفافيت اچي ها.

چيف جسٽس چيو ته ڪو سبب ٻڌايو ته جسٽس اعجاز کي بئنچ ۾ ڇو شامل نه ٿيڻ گهرجي ها، مون کي نه ٿو لڳي ته پنهنجن انتظامي اختيارن تي اوهان آڏو جوابده آهيان.

عرفان قادر چيو ته اوهان مون کي نه پر قوم آڏو جوابده ضرور آهيو.

عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

چيف جسثس چيو ته فيصلو ٻڌائڻ جي وقت جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

Tweet125
Sindh tv

Sindh tv

Related Posts

جهانگير خان ترين نئين سياسي پارٽي استحڪام پاڪستان جو باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو

جهانگير خان ترين نئين سياسي پارٽي استحڪام پاڪستان جو باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو

by Sindh tv
جُون 8, 2023
0
1.4k

سينئر سياستدان جهانگير خان ترين نئين سياسي پارٽي استحڪام پاڪستان جو باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو، اڳوڻو وفاقي وزير علي...

صنعتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي : اسحاق ڊار

صنعتن ۽ آءِ ٽي جي شعبن جي ترقي کي ترجيح ڏني ويندي : اسحاق ڊار

by Sindh tv
جُون 8, 2023
0
1.4k

هلندڙ مالي سال معاشي ترقيءَ جي شرح ٻڙي ڏهائي 29 سيڪڙو رهي، ايڪسپورٽ ۾  12 ڏهائي هڪ سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ...

بي آءِ ايس پي ذريعي حڪومت ضرورتمندن جو خيال رکي رهي آهي : شازيا مري

by Sindh tv
جُون 8, 2023
0
1.4k

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ۽ وفاقي وزير شازيا مري چيو ته بي آءِ ايس پي ذريعي حڪومت ضرورتمندن...

اسلام آباد : وزيراعظم شهبا شريف سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ملاقات

اسلام آباد : وزيراعظم شهبا شريف سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ملاقات

by Sindh tv
جُون 8, 2023
0
1.4k

وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي رقم خرچ...

Sindh TV News

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Navigate Site

  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي

Follow Us

No Result
View All Result
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Welcome Back!

Login to your account below

Forgotten Password?

Retrieve your password

Please enter your username or email address to reset your password.

Log In