سپريم ڪورٽ، چونڊون هڪ وقت ڪرائڻ واري بچاءَ واري وزارت جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏي، حڪومت کي چونڊن لاءِ 27 اپريل تائين فنڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم، عدالت سياسي اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته بادي النظر ۾ چونڊن لاءِ سياسي پارٽين کي ڳالهين جو موقعو ڏيڻ درست آهي، ڳالهين جو موقعو ڏيڻ جو مطلب اهو ناهي ته پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ وارو حڪم ختم ٿي ويو، سياسي پارٽيون هڪ موقف تي اچن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي، جيڪڏهن سياسي پارٽيون اليڪشن جي تاريخ تبديل ڪرڻ چاهين ٿيون ته عدالت ساڻن گڏ آهي، چونڊن لاءِ فنڊ فراهم نه ڪيا ويا ته سنگين نتيجا نڪرندا.