سپريم ڪورٽ 8 آڪٽوبر تي عام چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي 14 مئي تي ٻنهي صوبن ۾ پولنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ ڪي پي ۽ عام چونڊن بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ 8 آڪٽوبر تي عام چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته آئين 90 ڏينهن کان وڌيڪ دير جي اجازت نه ٿو ڏئي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ ڏئي آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪئي آهي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم ٻنهي صوبن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ آهي.