پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو ورهاڱو ملڪ لاءِ سانحو هوندو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سڀني کي گڏجي دعا ڪرڻ گهرجي ته سپريم ڪورٽ ۾ اتحاد هجي، جيستائين توهان آئين کي نه بچائيندا تيستائين ملڪ نه بچائي سگهندا.
عمران خان چيو ته هي سڀ اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن، کين آئين ۽ قانون جي ڪا به پرواهه ناهي، هو ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجو اين آر او بچائڻ چاهين ٿا.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هنن 3 هزار ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي، هر روز نئين ايف آءِ آر اچي رهي آهي.