حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.
عمران خان ۽ ثاقب نثار خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ آرٽيڪل 218 ٽي تحت ريفرنس داخل ڪرايو ويو.
ن ليگ اڳواڻ ملڪ محمد احمد خان ۽ عطا تارڙ طرفان داخل ڪرايل ريفرنس ۾ عمران خان، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، سندس پٽ نجم ثاقب، ابوذر چوڌري، ميان عذير، اعجاز چوڌري ۽ اسد عمر کي ڌر بڻايو ويو آهي.
ريفرنس سان گڏ نجم ثاقب جي مبينا آڊيو ليڪ جو متن به لڳايو ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ٽڪيٽ هولڊرن جي لسٽ سميت ٻيا دستاويز به ريفرنس سان گڏ پيش ڪيا ويا آهن.
داخل ڪرايل ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مالي ۽ اخلاقي ڪرپشن جي بنياد تي اها شڪايت داخل ڪرائي پئي وڃي، پنجاب اسيمبلي جي پارٽي چونڊ ٽڪيٽن جو خريد ۽ وڪرو جاري آهن.
ريفرنس ۾ لکيو ويو ته 29 اپريل تي ميڊيا ۾ آيل آڊيو ليڪ ذريعي ڄاڻايل ماڻهو وائکا ٿيا آهن، آڊيو مان خبر پوي ٿي ته اهي ماڻهو سڌيءَ ريت ان ڏوهه ۾ ملوث آهن، عمران خان گذريل هفتي ٽڪيٽون ڏنيون، آڊيو ۽ 26 اپريل تي عمران خان طرفان ابوذر کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ سان حقيقت ثابت ٿي، آڊيو ليگ ۾ اعتراف ڪيو ويو ته ثاقب نثار ان ڊيل ۾ ملوث آهي.
ريفرنس ۾ درخواست ڪئي وئي ته ثاقب نثار، اعجاز چوڌري ۽ اسد عمر سهولتڪار ي ڪئي، اليڪشن ڪميشن معاملي جي جاچ ڪرائي جوابدارن کي سزا ڏي ۽ عمران خان کي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽايو وڃي.