عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جنهن ڊار ملڪ جي معيشيت جو ٻيڙو ٻوڙيو اهو عام چونڊن بابت ڳالهين، آئين ۽ قانون جو به حشر ڪندو، ڳالهين بابت ڪميٽي کي رڳو اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي تاريخ طئي ڪرڻي آهي، هڪ سال ۾ جيڪي چونڊن طرف نه آيا اهي ٽن ڏينهن ۾ ڪيئن ايندا، آصف زرداري پنهنجي داءَ تي ويٺو آهي، فضل الرحمان جو ضد سياسي قبر کوٽيندو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته آئين سوڀارو ٿيندو ۽ مئي جي پهرين هفتي تائين عدليا جي فيصلن جو پتو پئجي ويندو.
سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪرڻ، آئين ٽوڙڻ ۽ سياسي موت کي دعوت ڏيڻ برابر آهي، چونڊون ٿينديون، آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ٿيندي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته ڳالهين جي ناڪامي چونڊن جي دير وارو طريقو انهن جي بدنيتي کي ثابت ڪندو، حڪمران وائڙا ٿي ويا آهن ۽ ٽه رڪني بينچ جي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته جيڪو وزيراعظم عدليا جو حڪم نٿو مڃي ان وزيراعظم کي اعتماد جي ووٽ جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي ۽ اها سول نافرماني جي شروعات آهي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته جڏهن عدليا جي فيصلن جو احترام نه ٿيندو ته حڪومت جي فيصلن کي به عوام نه مڃيندو.