تازه ترين

سپريم ڪورٽ، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي اسٽي آرڊر برقرار رکندي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي اسٽي آرڊر برقرار رکندي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ،ڌرين کي 25 سيپٽمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته پارليامينٽ چيف جسٽس جي بادشاهت ختم ڪئي ته ان ۾ غلط ڇا آهي؟  جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي کيس اهڙو اختيار نه گهرجي، قانون کي غير قانوني قرار ڏيڻ سولو ڪم ناهي، ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ اختيار نه گهرجن، احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ڪنهن قانون جي پسنديدگي ۽ آئيني حق الڳ الڳ شيون آهن.

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف اپيلن تي فل ڪورٽ بڻائڻ واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون ۽ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي  سڌيءَ ريت نشر ڪئي وئي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پهرين عدالتي ڏينهن تي فل ڪورٽ جي سربراهي ڪئي، پندرهن رڪني فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي ٻڌڻي ڪئي.

وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف پنهنجو لکت ۾ جواب اٽارني جنرل ذريعي عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ ايڪٽ خلاف درخواستون رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.

ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته چيف جسٽس چيو ته هو عوام کانئن 57 هزار ڪيسن جو فيصلو چاهي ٿو.

چيف جسٽس مسرت هلالي پڇاڻو ڪيو ته سيڪشن فائيو جو ڇا ٿيندو، هڪ پارٽيءَ سبب ايڪسرسائز نه ٿيندي؟

درخواست ڏيندڙ جي وڪيل خواجه طارق رحيم دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ ذريعي پنهنجا رولز ٺاهيا هئا، پر پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ مداخلت ڪئي.

جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته خواجه صاحب جيڪو ماضيءَ ۾ ٿيندو رهيو، ڇا اوهان  ان جي حمايت ڪندا؟  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سمورو قانون ئي غلط هو يا ڪجهه شقون؟

خواجه طارق رحيم چيو ته فيڊرل ليجسليٽو لسٽ جي شيڊيول چار موجب سپريم ڪورٽ پنهنجا ضابطا پاڻ ٺاهيندي آهي.

جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي اهو اختيار آئين ۾ ڏنو ويو آهي يا قانون ۾؟ وڪيل خواجه طارق رحيم چيو ته هو سوال نوٽ ڪري رهيو  آهي جواب بعد ۾ ڏيندو.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته خواجه صاحب آئيني شق کي رڳو پڙهو، تشريح نه ڪريو، جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته اوهان چئو پيا ته اهو قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جي اختيار جي دائري ۾ نه هو.

هن چيو ته اختيارن ۽ طاقت جو ذڪر قانون ۾ ناهي، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ وٽ اختيار  آهي ته اها اختيار استعمال ڪري، اوهان موجب سپريم ڪورٽ رولز 1980ع جي آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهن؟

جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 184 ٿري جڊيشل پاور آهي، عدالت کي پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته خواجا صاحب، اوهان جو مطلب جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه فل ڪورٽ ڪري ته درست آهي ۽ پارليامينٽ ڪري ته اهو غلط آهي؟

جسٽس مسرت حلالي چيو ته ڇا قانونسازي ذريعي چيف جسٽس جا اختيار گهٽ ڪري سگهجن ٿا؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا قانون سازي سان چيف جسٽس يا سپريم ڪورٽ جا اختيار ختم ڪيا ويا؟

وڪيل خواجه طارق چيو ته آئيني ڪيسن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجن ججن جي بئنچ واري شق به قانون ۾ شامل ڪئي وئي آهي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته  جنهن شق تي  اوهان کي اعتراض آهي، اهو ٻڌايو.

جسٽس اطهر من الله چيو ته چيف جسٽس وٽ بئنچ ٺاهڻ جو لا محدود اختيار هجي ته اوهان مطمئن ٿيندا؟ جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو ته قانون آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل سان ٽڪراءُ ۾ آهي؟

جسٽس منيب اختر چيو ته پارليامينٽ چوي ٿي ته پنجن ججن کان گهٽ ڪيس نه ٿا ٻڌي سگهن، جيڪڏهن سڀاڻي پارليامينٽ چوي ته فلاڻو ڪيس 7 جج نه ٻڌندا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

جسٽس اطهر من الله چيو ته عدليا جي آزادي رڳو ٻاهرين نه پر اندرين به هجڻ گهرجي، عدليا کي اندران مضبوط هجڻ گهرجي، رڳو چيف جسٽس وٽ بئنچ جوڙڻ جا اختيار هجڻ غلط آهي.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ بيلٽ سان بئنچ ٺهندي آهي، اتي چيف جسٽس وٽ بئنچ جوڙڻ جي اختيار جو تصور ئي ناهي.

درخواست ڏيندڙ جي وڪيل امتياز صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ  غير  آئيني آهي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته آرٽيڪل 141 موجب پارليامينٽ قانون ٺاهي سگهي ٿي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني ادارو آهي ته ڇا پارليامينٽ ناهي؟

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ قانون کان مٿانهين آهي، اهو ڪٿي لکيل آهي؟

وڪيل امتياز صديقي چيو ته جيڪڏهن کيس ڳالهائڻ ئي نه ڏنو ويندو  ۽ توهين ٿيندي ته هو هليو ويندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان عوام جو خيال ڪريو، باقي اوهان وڃڻ چاهيو ٿا ته اوهان جي مرضي آهي.

اٽارني جنرل جي دليلن دوران چيف جسٽس چيوته پاڪستان ۾ گهڻو ڪجهه غير آئيني ٿي رهيو آهي ڇا اهو آرٽيڪل 184 ٿري جي اندر ايندو؟

چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ ايڪٽ ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪٿي ٿي آهي، پارليامينٽ چيف جسٽس جي بادشاهت ختم ڪري ڪهڙي غلطي آهي؟

هن چيو ته  قانون کي غير قانوني قرار ڏيڻ سولو ڪم ناهي، ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ اختيار نه گهرجن.

چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي شق ڪهڙي قانون سان ٽڪراءَ ۾ آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ زوردار وار ڪري ها ته پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي ها؟

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته  آئين الله جي نالي سان شروع ٿئي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي آزاديءَ سان نه.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪيتريون ئي مارشل لائون به لڳي چڪيون آهن، اهڙن فيصلن جو پابند ناهي، احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ڪنهن قانون جي پسنديدگي ۽ آئيني حق الڳ الڳ شيون آهن.

وقفي بعد ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته لڳي نٿو ته ٻڌڻي مڪمل ٿيندي، سينيئر ججن سان صلاح مشورا ڪيا.

کليل عدالت ۾ ئي چيف جسٽس اڄوڪي ٻڌڻي جو فيصلو لکرايو.

حڪم نامي ۾ چيو ويو ته درخواست ڏيندڙن ۽ اٽارني جنرل کي بئنچ جي سوالن جا جواب ڏيڻا آهن.

چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسير ذريعي آڏو چئلينجن تي سينيئر ججن سان صلاح مشورا ڪيا ويندا.

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته سموريون ڌريون 25 سيپٽمبر تائين پنهنجو جواب جمع ڪرائن.

چيف جسٽس چيو ته ساٿين ججن سان صلاح مشورا ڪري هو بئنچ جوڙي رهيو آهي.

عدالت، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي اسٽي آرڊر برقرار رکيو.

سپريم ڪورٽ پاڪستان بار ڪائونسل جي فل ڪورٽ واري درخواست منظور ڪندي اڪلائي ڇڏي ۽ ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
14 %
1.5kmh
0 %
سُومر
17 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون