سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني لارجر بينچ ميڊيڪل جي شاگرد کي حافظ قرآن هئڻ سبب ڏنل اضافي نمبرن وارو ڪيس 5 منٽن ۾ اڪلائي ڇڏيو آهي.
جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهي ۾ جوڙيل 6 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت جو چوڻ هو ته جسٽس فائز عيسيٰ جو پاڻ مرادو نوٽيس غير موثر آهي، ڪيس اڪلايو وڃي ٿو، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
سپريم ڪورٽ رجسٽرار کي به چارج ڇڏڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.