SindhTvNews
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
No Result
View All Result
SindhTvNews
W3Schools
No Result
View All Result
Home پاڪستان

سپريم ڪورٽ سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

Sindh tv by Sindh tv
اپريل 19, 2023
in پاڪستان
252 3
A A
0
495
SHARES
1.4k
VIEWS
Twitter

سپريم ڪورٽ، پنجاب اليڪشن ڪيس ۾ ملڪ جي سمورين وڏين سياسي پارٽين جي سينيئر اڳواڻن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ملڪ ۾ چونڊون گڏ ڪرائڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

RelatedPosts

9 مئي واقعي ۾ ملوث وڳوڙين کي سزا ڏني ويندي : راڻا ثناءَ الله

ايٽمي پروگرام پاڪستاني قوم لاءِ قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو جو عظيم تحفو آهي : بلاول ڀٽو زرداري

ڳالهيون نه ٿينديون: حڪومت عمران خان جي آڇ رد ڪري ڇڏي.

اٽارني جنرل بچاءَ واري وزارت جي درخواست تي پيش ٿيو.

چيف جسٽس چيو ته معاملو ڊگهو ٿيندو پيو وڃي، حڪومت پنهنجو ايگزيڪيٽو ڪم پارليامينٽ کي ڏنو آهي يا نه؟

اٽارني جنرل ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي ٺهراءَ جي روشني ۾ فنڊن جو معاملو پهريان اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو، جنهن قومي اسيمبلي ۾ موڪليو جتي رد ٿي ويو.

چيف جسٽس چيو ته عدالت کي چيو ويو ته هو سپليمينٽري گرانٽ بعد منظوري ورتي وڃي.

هن چيو ته  ان جي ابتڙ معاملو ئي پارليامينٽ موڪليو ويو، ڇا اليڪشن لاءِ ئي ائين ٿيندو آهي يا عام حالتن ۾ به ائين ئي ٿئي ٿو؟

جسٽس منيب اختر چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ حڪومت جي اڪثريت آهي، حڪومت کي گرانٽ جاري ڪرڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو.

هن چيو ته مالي معاملن ۾ ته حڪومت جي اڪثريت لازمي آهي، آئين حڪومت کي اختيار ڏي ٿو ته اسيمبلي ٺهراءُ ڪيئن پاس ڪري سگهي ٿي؟

اٽارني جنرل جواب ڏنو ته گرانٽ جي بعد۾ منظوري وٺڻ رسڪي هو، موجوده ڪيس ۾ گرانٽ جاري ڪرڻ کان اڳ منظوري لاءِ وقت هو.

هن چيو ته گرانٽ جي منظوري جو اصل اختيار پارليامينٽ کي آهي،اسيمبلي اڳ ئي ٺهراءَ ذريعي پنهنجي راءِ ڏئي چڪي آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته انتظامي معاملا  ڪميٽيءَ موڪلڻ جو ڪو مثال نه ٿو ملي، چونڊن خرچ ضرورت موجب آهن، غير اهم نه.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جي گرانٽ رد ٿيڻ جو خدشو اسيمبلي جي وجود خلاف آهي، اميد ته حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندي.

جسٽس عمر عطابنديال چيو ته ڇا گارنٽي آهي ته 8 آڪٽوبر تائين حالتون ٺيڪ ٿي وينديون؟ بچاءَ واري وزارت به اڃا اندازو لڳايو آهي، حڪومت اندازن تي نه ٿي هلي سگهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جو به چيو آهي، جنهن جو بنياد سڪيورٽي جي عدم فراهمي آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته  دهشتگردي ملڪ ۾ 92ع کان آهي، پر اڳ به چوندون ٿيون، هاڻي اهڙو ڪهڙو منفرد خطرو آهي جو اليڪشن نٿي  ٿي سگهي؟

جسٽس منيب اختر چيو ته گذريل سال هڪ حڪومت جو خاتمو  ٿيو، عدالت نوٽيس نه وٺي ها ته قومي اسيمبلي ٽٽي چڪي هجي ها.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بم ڌماڪن دوران به برطانيا ۾ چونڊون ٿينديون هيون.

جسٽس منيب سوال ڪيو ته ڇا آرٽيڪل 245 تحت فوج سول حڪومت جي مدد لاءِ ايندي آهي؟ حڪومت اهو اختيار استعمال ڇو نه پئي ڪري؟

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن پهريان چيو ته وسيلا ڏنا وڃن ته چونڊون ڪرائيندا، هاڻي چون ٿا ته ملڪ ۾ انارڪي پکڙجي ويندي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورو ڪيس ٻيهر کولڻ چاهي ٿي، بچاءَ واري وزارت جي رپورٽ ۾ عجيب درخواست آهي.

جسٽس عمر عطابنديال چيو ته  ڇا بچاءِ واري وزارت هڪ وقت چونڊون ڪرائڻ جي درخواست ڪري سگهي ٿي.

چيف جسٽس چيو ته بچاءِ واري وزارت جي درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي.

اٽارني جنرل چيو ته ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ سياسي ڊائلاگ شروع ٿئي، جماعت اسلامي جو امير به شهبازشريف ۽ عمران خان سان مليو، هڪ کانسواءِ سموريون حڪومتي پارٽيون ڳالهين لاءِ راضي آهن.

چيف جسٽس چيو ته منجمد سياسي نظام هلڻ شروع ٿي رهيو آهي، 14 مئي ويجهو اچي پئي.

جسٽس عمر عطابنديال چيو ته  سياسي پارٽيون هڪ موقف تي اچن ته عدالت گنجائش ڪڍي سگهي ٿي، معاملي کي گهڻي ڊيگهه نه ٿي ڏئي سگهجي.

جسٽس عمر عطابنديال چيو ته 5 ڏينهن عيد جون موڪلون اچي ويون آهن، جج چون ٿا ته پنجن ڏينهن جو وقت ڪافي آهي.

عدالت فيصل چوڌري کي روسٽرم تي گهرائي پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ راضي آهي؟ تاريخ تي مطمئن ٿي وڃو ته ليول پليئنگ فيلڊ ملندي.

چيف جسٽس چيو ته نوي ڏينهن وارو وقت 14 اپريل تي گذري چڪو آهي، آئين موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي.

عدالت خاطري ڪرائڻ جو چيو ته حڪومت جواب نه ڏنو، حڪومت اڄ پهريون ڀيرو هاڪاري ڳالهه ڪئي.

چيف جسٽس چيو ته عدالت هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ واري درخواست تي سياسي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ٿي.

هن چيو ته نگران حڪومت نوي ڏينهن کان وڌيڪ برقرار رهڻ تي به سوال اٿن ٿا.

چيف جسٽس چيو ته سياسي اتفاقِ راءِ ٿئي ته 14 مئي وارو فيصلو لاڳو ڪرايو ويندو، سياسي عمل اڳتي نه وڌيو ته اليڪشن ۾ ٽڪراءُ ٿيندو.

جسٽس عمر عطابنديال چيو ته سمورن کي نه ڪجهه سياسي پارٽين جي نامزد اڳواڻن کي طلب ڪيو ويندو، ڳالهين وارو عمل جلد مڪمل نه ٿيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪرايو ويندو.

Tweet124
Sindh tv

Sindh tv

Related Posts

9 مئي واقعي ۾ ملوث وڳوڙين کي سزا ڏني ويندي : راڻا ثناءَ الله

9 مئي واقعي ۾ ملوث وڳوڙين کي سزا ڏني ويندي : راڻا ثناءَ الله

by Sindh tv
مَي 28, 2023
0
1.4k

حڪومت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ڳالهين جو امڪان رد ڪري ڇڏيو. فيصل آباد ۾ تڪبير جي ڏهاڙي جي...

ايٽمي پروگرام پاڪستاني قوم لاءِ قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو جو عظيم تحفو آهي : بلاول ڀٽو زرداري

by Sindh tv
مَي 28, 2023
0
1.4k

پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته ايٽمي پروگرام پاڪستاني قوم لاءِ قائد عوام شهيد...

Home

ڳالهيون نه ٿينديون: حڪومت عمران خان جي آڇ رد ڪري ڇڏي.

by Sindh tv
مَي 28, 2023
0
1.4k

حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ڳالهين واري آڇ رد ڪري ڇڏي. لاهور جي جناح هائوس ۾...

پاڪستان جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي زمبابوي ۾ ٻارڙن سان گڏ ڪلام ڳائڻ واري وڊيو وائرل

پاڪستان جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي زمبابوي ۾ ٻارڙن سان گڏ ڪلام ڳائڻ واري وڊيو وائرل

by Sindh tv
مَي 28, 2023
0
1.4k

شاهنواز ڏاهاڻي جي زمبابوي ۾ ٻارڙن سان ڪلام ڳائڻ واري وڊيو وائرل پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي...

SindhTvNews

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Navigate Site

  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي

Follow Us

No Result
View All Result
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Welcome Back!

Login to your account below

Forgotten Password?

Retrieve your password

Please enter your username or email address to reset your password.

Log In