سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي اليڪشن ڪميشن کي سڌيءَ ريت فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر عدالتي سڌارن بابت بل خلاف درخواستن تي ان چيمبر ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل ۽ ناڻي واري وزارت جا عملدار پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ موقف اختيار ڪيو ته وفاقي وزير چونڊن خاطر فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ بي وس آهي، پارليامينٽ حڪومت کي فنڊ جاري ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي ڏنو ته فنڊ ڪيئن جاري ڪيا وڃن؟
اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي عملدارن فنڊ موجود نه هجڻ بابت موقف ٽي رڪني بئنڪ آڏو موقف رکيو.
ٻڌڻي دوران اسٽيٽ بئنڪ جي وقتي گورنر سان گڏ آيل ٻين آفيسرن کي چيمبر کان ٻاهر موڪليو ويو، جڏهن ته اسپيشل ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري کانسواءِ ٻين عملدارن کي به ٻڌڻيءَ وقت ٻاهر موڪليو ويو.
ججن اليڪشن لاءِ فنڊ جاري نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻو پوندو.
ٻڌڻي ودران اٽارني جنرل کي حڪومتي موقف پيش ڪرڻ تي سخت سوالن کي منهن ڏيڻو پيو.
اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت سپرمي ڪورٽ جي چار اپريل جي حڪم تي عمل ڪيو، سپريم ڪرٽ جي حڪم تي فيڊرل ڪنسوليڊيٽڊ فنڊ مان رقم لاءِ بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو.
هن چيو ته پارليامينٽ چونڊڻ لاءِ فيڊرل ڪنسوليڊيٽڊ فنڊ جاري ڪرڻ واري بل کي رد ڪيو، پارليامينٽ کان بل رد ٿيڻ بعد حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ نه ٿي چئي سگهي.
سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بئنڪ جي وقتي گورنر کي اليڪشن ڪميشن کي سڌيءَ ريت فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو…..