تازه ترين

سپريم ڪورٽ نگران حڪومت جي ضرورت تي سوال اٿاريا

سپريم ڪورٽ نگران حڪومت جي ضرورت تي سوال اٿاريندي ملڪ ۾ عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ واري درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي ته نگران حڪومت جي ڪهڙي ضرورت آهي، جنهن آمر نگران حڪومت جي شق آئين ۾ شامل ڪئي، ان تي هن پاڻ عمل نه ڪيو، ضياءُ الحق آر سي او ذريعي نگران حڪومت جي شق شامل ڪئي.

سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ئي ڏينهن عام چونڊن ڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي.

وڪيل شاهه خاور چيو ته هاڻي هن درخواست تي ضرورت ناهي، عدالت اڳ ئي اهو معاملو اٿاري چڪي آهي.

چيف جسٽس چيو ته سڄو جهيڙو ئي ته اهو آهي، ڇا ان وقت ڪو عدالتي حڪم جاري ٿيو هو؟ وڪيل شاهه خاور چيو ته چار آرڊر آف دي ڪورٽ جاري ٿيا هئا.

جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان کي ته 14 مئي تي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي آرڊر خلاف درخواست داخل ڪرائڻ گهرجي ها.

چيف جسٽس چيو ته ڪنهن شخص سپريم ڪورٽ جي 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ واري حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي؟

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته 14 مئي تي اليڪشن جو فيصلو ڏيندڙ عدالتي حڪم موجود ئي ناهي.

چيف جسٽس چيو ته اِهو ئي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڇا هو.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته نگران حڪومت جو مقصد شفاف  چونڊون يقيني بڻائڻ هوندو آهي، پر آئين شفاف چونڊن جي ذميواري هڪ اداري کي ڏني آهي.

هن چيو ته جڏهن شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي ته نگران حڪومت جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

چيف جسٽس چيو ته جنهن آمر نگران حڪومت جي شق آئين ۾ شامل ڪئي، ان تي هن پاڻ عمل نه ڪيو، ضياءُ الحق آر سي او ذريعي نگران حڪومت جي شق شامل ڪئي، پر جڏهن ته محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ختم ڪئي وئي ته نگران حڪومت نه ٺاهي وئي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ٻه چونڊون نگران حڪومت کانسواءِ ٿيون آهن، پارليامينٽ ان کي ڏسي.

پ پ جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته نگران حڪومتن جو تصور آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي، آئين چوي ٿو ته حاڪميت الله جي هوندي، عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي نظام هلايو ويندو.

هن چيو ته نگران حڪومت جو مقصد شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، جيڪو اڄ تائين ناهي ٿي سگهيو.

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته نگران حڪومت آئين خلاف آهي.

چيف جسٽس، وڪيل فاروق ايڇ نائڪ کي چيو ته اهو بيان واپس وٺو.

فاروق ايڇ نائڪ چيو ته حالتون خراب آهن، عوام ۾ بي اعتمادي آهي.

چيف جسٽس چيو ته هاڻي ملڪ ۾ شيون بهتريءَ طرف وڌي رهيون آهن، نگران حڪومت جي تشريح ڪرڻ پارليامينٽ جو آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته وقت کان اڳ اسيمبلي ۽ حڪومتون ٽوڙڻ تي سوال اٿي ٿو ته ائين ڇو ڪيو ويو؟

چيف جسٽس چيو ته ان معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، ان سان قومي خزاني تي بار پوي ٿو، نگران حڪومت قائم ٿيڻ بابت اٺين ترميم تڪڙ ۾ ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ واري درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون