عدالتي فيصلي باوجود سپريم ڪورٽ پريڪٽس ايندڙ پروسيجر بل باضابطا طور قانون بڻجي ويو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ عدالتي سڌارن بابت بل جي باضابطا قانون بڻجڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي گزٽ نوٽيفڪيشن جي هدايت ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب، سمورا قانوني مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن، عدالتي سڌارن بابت بل هاڻي باضابطا طور لاڳو ٿي چڪو آهي.
صدر جي ڏهن ڏينهن تائين صحي نه ڪرڻ جي صورت ۾ بل پاڻمرادو قانون بڻجي ويندو آهي، ان لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ڏهن ڏينهن جو مدو پورو ٿيندي کي بل قانون بڻجڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.
سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن بابت بل خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري چڪي آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي تازي فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون اچي ويون آهن.