سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 8 رڪني لارجر بينچ ساڍي ٻارهين وڳي ٻڌڻي ڪندي.
جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد به بينچ جو حصو آهن.
عدالت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
عدالت پاران سياسي پارٽين سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
عدالت عدالتي سڌارن بابت بل تي پارليامينٽ جي ڪارروائي جو رڪارڊ به طلب ڪيو آهي،
عدالت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ٿيل بحث جو رڪارڊ به پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.