اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي فل ڪورٽ جوڙڻ گهرجي ها، عدالت اهو فيصلو ڪري جنهن ۾ مونجهارا نه هجن.
ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته سپريم نيب عدالتن بابت نوٽيس وٺي، جڏهن ڪيس ٺاهيو وڃي ٿو ته ڪيس هلايو به وڃي.
سندس جو چوڻ هو ته عمران خان پاڻ گهر ۾ ويٺو آهي ڪارڪن روڊن تي ڌڪا کائي رهيا آهن.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان گهڻيون ڳالهيون ڪندو آهي، پر فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي.
هن چيو ته اسان هر هفتي نيب ڪيسن ۾ پيش ٿيندا آهيون پر ڪيس هلي ئي نه ٿو، هن وقت تائين 4 جج تبديل ٿي چڪا آهن پر ڪيس جو فيصلو ناهي ٿي رهيو.
شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان عدليه جو احترام ڪريون ٿا، ان ڪري ئي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهيون.
هن چيو ته اعليٰ عدليه کي پنهنجي ساک پاڻ بحال ڪرڻي آهي، جنهن بينچ تي آڱر اٿاري وڃي ته جج ان تي فيصلو نٿا ڪري سگهن.