سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي سڌارن بابت بل خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 8 رڪني بئنچ ساڍي ٻارهين وڳي ٻڌڻي ڪندي.
بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس اظهر حسن رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل آهن.
سپريم ڪورٽ جي لارجز بينچ 13 اپريل تي قانون تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
درخواست ڏيندڙن جا وڪيل اڄ عدالتي سڌارن بابت بل تي دليل ڏيندا.