سپريم ڪورٽ ۾ مقرر نون ججز عهدي جو حلف کڻي ورتو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي نون 6 مستقل ۽ هڪ وقتي جج قسم کڻي ورتو. نون 6 مستقل ۽ هڪ وقتي جج جي قسم کڻڻ واري تقريب سپريم ڪورٽ ۾ پهريون ڀيرو عدالتي اڱڻ جي لان ۾ ٿي. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ تراني سان ڪئي وئي. قسم کڻڻ جي تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ جي ججن،  اٽارني جنرل، ججن جي خاندانن، پاڪستان بار،  سپريم ڪورٽ بار جي عهديدارن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه،  جسٽس منيب اختر، عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله ۽ ٻين ججن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اسلام آباد هائيڪورٽ جو جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب طاهر به تقريب ۾ شريڪ ٿيا. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سمورن ستن ئي ججن کي قسم کڻايو. قسم کڻندڙ 6 مستقل ججن ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ، جسٽس محمد شفيع صديقي، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس شڪيل احمد، عامر فاروق ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم شامل آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب وقتي جج طور قسم کڻايو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ ستن ججن لاءِ بئنچ جي جوڙجڪ به ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ نو رڪني لار بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ جي نون ججن ڏهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. لارجر بئنچ ضمانت رد ٿيڻ جون چار درخواستون رد ڪيون. ججن ۾ جسٽس مسرت هلالي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس اشتياق ابراهيم،  جسس شڪيل احمد، جسٽس شفيع صديقي،  جسٽس صلاح الدين پنهور، جسش هاشم ڪاڪڙ ۽ وقتي چيف جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شامل آهن……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
43%
1.8m/s
9%
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون