سپريم ڪورٽ جي نون 6 مستقل ۽ هڪ وقتي جج قسم کڻي ورتو.
نون 6 مستقل ۽ هڪ وقتي جج جي قسم کڻڻ واري تقريب سپريم ڪورٽ ۾ پهريون ڀيرو عدالتي اڱڻ جي لان ۾ ٿي.
تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ تراني سان ڪئي وئي.
قسم کڻڻ جي تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل، ججن جي خاندانن، پاڪستان بار، سپريم ڪورٽ بار جي عهديدارن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله ۽ ٻين ججن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جو جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب طاهر به تقريب ۾ شريڪ ٿيا.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سمورن ستن ئي ججن کي قسم کڻايو.
قسم کڻندڙ 6 مستقل ججن ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ، جسٽس محمد شفيع صديقي، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس شڪيل احمد، عامر فاروق ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم شامل آهن.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب وقتي جج طور قسم کڻايو.
ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ ستن ججن لاءِ بئنچ جي جوڙجڪ به ڪئي وئي آهي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ نو رڪني لار بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي نون ججن ڏهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
لارجر بئنچ ضمانت رد ٿيڻ جون چار درخواستون رد ڪيون.
ججن ۾ جسٽس مسرت هلالي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس اشتياق ابراهيم، جسس شڪيل احمد، جسٽس شفيع صديقي، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسش هاشم ڪاڪڙ ۽ وقتي چيف جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شامل آهن……