تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن سان هلندڙ سال فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جي رپورٽ جمع ڪرائي وئي

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن سان هلندڙ سال فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جي رپورٽ جمع ڪرائي وئي، چيف جسٽس عمر عطا بنديا رمارڪس ڏنا آهن ته  ڪاروباري شخصيتن خلاف نيب قانون جو غلط استعمال ڪيو ويو، نيب ترميمن سان سڌي ريت بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ناهي ٿي، اڻ سڌيءَ ريت حق متاثر ٿيڻ وارو پاسو ضرور آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميم خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس چيو ته ترميمي قانون ۾ هڪ شيءِ ڏٺي، گڏيل قانوني سهڪار تحت حاصل شاهدين جي حيثيت ختم ڪئي وئي آهي، هاڻي نيب کي پاڻ اتي سروسز وٺڻيون پونديون.

ٻڌڻي دوران نيب طرفان ستن صفحن تي ٻڌل رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

نيب جي رپورٽ موجب، هلندڙ سال 30 آگسٽ تائين 12 ريفرنس نيب عدالتن کان منتقل ٿيا آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس احتساب عدالت ترميمن بعد واپس ڪري ڇڏيو، ترميمن ذريعي فائدو حاصل ڪندڙن ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به شامل آهن.

رپورٽ موجب، خورشيد شاهه، انور جمالي، منظور قادر ڪاڪا ۽ انور مجيد جا نيب ڪيس به منتقل ڪيا ويا جڏهن ته جعلي اڪائونٽس ڪيس جي مرڪزي جوابدار حسين لوائي جو ڪيس به نيب جي دائري کان ٻاهر ٿي ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اومني گروپ جي عبدالغني مجيد خلاف نيب ڪيس به احتساب عدالت کان واپس ٿي ويو.

سپريم  ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب هلندڙ سال مجموعي طور تي 22 ڪيس احتساب عدالتن کان واپس ٿيا، نيب ترميمن جي روشني ۾ 25 ڪيس ٻين فورمز کي منتقل ڪيا ويا.

جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب جي ايڊيٽيڊ رپورٽ جمع ڪرائي آهي؟  نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته ها نيب رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس چيو ته ايف بي آر جي پرڏيهه مان حاصل ڪيل رڪارڊ ۾ قبولڻ جوڳيون شاهديون پيش نه ڪيون ويون.

وڪيل مخدوم علي خان جواب ڏنو ته آئين ۾ رڳو جوابدار جي حقن ۽ فيئر ٽرائل بابت لکيل آهي.

چيف جسٽس چيو ته ايف بي آر کان ملندڙ ڄاڻ ثبوت طور استعمال نه ٿي ڪري سگهجي؟

وڪيل مخدوم علي خان چيو ته جوابدار کان هٿ آيل مواد به نيب کي ئي ثابت ڪرڻو پوندو آهي، پرڏيهه مان شاهديون ثابت ڪرڻ به نيب جي ذميو اري آهي.

جسٽس اعجاز چيو ته سوئس ڪيس شاهديون نه هجڻ نه پر ڊگهي مدي سبب ختم ٿيا هئا.

وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪيترائي متاثر عدالتن ۾ جوابدارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته پرڏيهه مان ٻطرفي قانوني سهڪار سان شاهديون ورتيون وينديون آهن.

چيف جسٽس چيو ته پرڏيهه مان حاصل ڪيل شاهديون جا قانون حيثيت ڇا آهي؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته پرڏيهي آفيس  ذريعي پرڏيهه مان شاهديون ورتيون وينديون آهن، تصديق جو عمل هوندو آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته وٽن وقت گهٽ آهي، کين ڪيس ختم ڪرڻو آهي.

چيف جسٽس چيو ته تازو سنڌ ۾ نيب جي ڪيس ۾ جوابدار پلي بارگين تي راضي ٿيو، اهو کل جوڳو عمل آهي.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪرمنل لا چوي ٿو ته جوابدار قانون جو فيورٽ چائلڊ هوندو آهي، ڪنهن جا بنيادي حق متاثر ٿيندا ته اهو عدالت ايندو.

چيف جسٽس چيو ته نيب جو قانون ڪاروباري شخصيتن لاءِ غلط استعمال ڪيو ويو، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن جي اڪائونٽ مان ڏهن رپين جي غلطي ڪڍي وڃي.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ائين لڳي رهيو آهي، زور لڳائي لڳائي ٿڪجي پيا آهن پر نيب ترميمن ۾ غلطي نه پئي ملي، ڪجهه شين کي فطرت تي ڇڏي ڏيو، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏيو.

چيف جسٽس چيو ته ڪيس هڪ خط تي به هلائي سگهجي پيو، پر بنيادي حقن جو معاملو هو ان ڪري ٻڌي رهيا آهيون.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته پارليامينٽ ميمبر عوام جو امين هوندو آهي، سڀ کان وڏي ڀڃڪڙي ته اها آهي ته هڪ شخص پنهنجي مرضيءَ سان پارليامينٽ ڇڏي هليو ويو.

خواجه حارث چيو ته اهو سياسي فيصلو هوندو آهي ته پارليامينٽ ۾ ويهڻو آهي يا ڇڏڻو آهي.

چيف جسٽس چيو ته صدارتي معافي جيان نيب مان معافيون ڏنيون پيون وڃن، بدنيت ماڻهن جي هٿن ۾ اٿارٽي ڏني پئي وڃي.

جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته پارليامينٽ پنهنجي فائدي لاءِ قانون ٺاهي رهي آهي ته عدالت ڇا ٿي ڪري سگهي؟

چيف جسٽس چيو ته نيب ترميمن سان سڌي ريت بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ناهي ٿي، اڻ سڌيءَ ريت حق متاثر ٿيڻ وارو پاسو ضرور آهي.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
54 %
0.8kmh
4 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
19 °

تازه ترين خبرون