سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو اڄ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، اسلام آباد جي شڪر پڙيان گرائونڊ ۾ مک تقريب ٿي. پاڪستان جي ڏهاڙي جي مک تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، عسڪري قيادت ۽ پرڏيهي سفير تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود به پريڊ ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. هٿياربند فوج جي پريڊ ڏسڻ لاءِ عوام جو وڏو انگ به شڪر پڙيان گرائونڊ ۾ موجود رهيو. مک تقريب ۾ جنگي هٿيارن جي نمائش سان گڏوگڏ پاڪستان ايئر فورس جي جديد ترين جهازن فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو ۽ فوجي جٿن سلامي پيش ڪئي. پاڪستان جي ڏهاڙي جي پريڊ ۾ هٿياربند فوج جي جوانن مهارت جو شاندار مظاهرو ڪيو، چين ۽ دوست ملڪ آذربائيجان جا فوجي دستا به پريڊ ۾ شامل ٿيا. صبح سوير اسلام آباد جي شڪر پڙيان گرائونڊ ۾ پاڪستان رينجرز جي دستي پاران رينجرز ايگزيبيشن ڊرل جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. ڊرل دوران رينجرز جي دستن ذهني ۽ جسماني صلاحيتن کي شاندار انداز ۾ شرڪت ڪندڙن آڏو پيش ڪيو. آرمي اسڪول آف ميوزڪ جي دستي به سولو ڊرم جو مظاهرو ڪري ڏسڻ وارن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري هٿياربند فوج جي گڏيل مرڪزي پريڊ جو معائنو به ڪيو. هٿياربند فوج جي جنگي جهازن پاران شاندار فلاءِ پاسٽ ڪيو ويو. ميراج جنگي جهاز ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ جي ايف 17 ٿنڊر فلاءِ پاسٽ ۾ حصو ورتو. فلاءِ پاسٽ ۾ ونگ ڪمانڊر حسن صديقي جي قيادت ۾ ايف 16 جنگي جهازن جو شاندار مظاهرو ڪيو. فلاءِ پاسٽ ۾ ايف 7 پي جي چيتا ۽ جي 10 سي، هوائي فوج جي ٽرانسپورٽ جهاز سي ون ٿرٽي، جديد ترين جاسوسي نظام سان ليس جهازن، سامونڊي فوج جي اينٽي سب ميرين جنگي جهازن ۽ پاڪ فوج جي اينٽي سب ميرين جنگي جهازن شاندار مظاهرا پيش ڪيا. پاڪستان جي ڏهاڙي جي مناسبت سان اسلام آباد جي شڪر پڙيان پريڊ گرائونڊ ۾ ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ اوڀر جي شاعر علامه اقبال جون تصويرون بلا بورڊن تي لڳايون ويون، گرائونڊ کي خصوصي طور خوبصورت گلن ۽ ٻوٽن سان سجايو ويو. مک تقريب ۾ گلگت بلتستان اسڪائوٽس، چين ۽ آذربائيجان جا دستا به شامل ٿيا جڏهن ته  چئني صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28 ° C
28 °
28 °
15%
1.8m/s
2%
خميس
27 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون