سنڌ حڪومت حيدرآباد-سکر موٽروي سميت ٻين منصوبن لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ لينڊ ريزرويشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ حيدرآباد-سکر موٽروي سميت ٻين منصوبن لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ ايم سڪس موٽروي لاءِ ڄامشوري ضلعي ۾ 103 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
موٽروي لاءِ مٽياري ۽ حيدرآباد ۾ به زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ٿرپارڪر ۾ ڪيمبرج اسڪول جي تعمير لاءِ 5 ايڪڙ زمين، ڌاٻيجي ۾ 265 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظور ڏني وئي.
اجلاس ۾ اقليتي معاملن واري کاتي لاءِ 12 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي .
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سمورن کاتين جي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.