سکر ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ گل لٻاڻو ۾ هٿيار بند فائرنگ ڪئي.
هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ 27 ورهين جو ملوڪ جتوئي قتل ۽ عبداالله جتوئي زخمي ٿي پيو.
نوجوان عيد خريداري ڪري گهر واپس اچي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو.
ٻڌايو پيو وڃي ته ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪئي.
پوليس موجب واقعو پراڻي دشمي تان پيش آيو آهي.